خميس 21 فيبروری 2019ء

پاڪستان وومين ٽيم ويسٽ انڊيز کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٻارنهن رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان وومين ٽيم ويسٽ انڊيز کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٻارنهن رنسن تان هارائي ڇڏيو، جڏهن ته سيريز 1-2 تان مهمان ٽيم جي نالي رهي. ڪراچي جي سائوٿ اينڊ ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، گرين شرٽس پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان نڊا ڊار 53 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي جڏهن ته عاليه رياض ناٽ آئوٽ 24 رنسن جي اننگز کيڏي، ٻين بيٽس وومين ۾ اميمه سهيل 28، جويريه خان 10، ڪپتان بسمه معروف 19 ۽ ارم جاويد 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون. ويسٽ انڊيز جي ڪرشما ريمهيرڪ 2، سليمان ۽ فلاءِ فليچر هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.151 رنسن جي جواب ۾ مهمان ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڃائي 138 ٺاهي سگهي،ويسٽ انڊيز طرفان ڊينڊرا ڊاٽن 46 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، نتاشا ميڪيلن 26 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شيڊن نيشن 19 رنسون ٺاهي نمايان رهي. پاڪستان طرفان انعم امين زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 رانديگرياڻين کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. ثناءَ مير ٻه جڏهن ته ايمن انور، ندا ڊار ۽ نشرا سانڌو هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ندا ڊار کي ميچ جي بهترين رانديگرياني قرار ڏنو ويو. مهمان ٽيم کي سيريز ۾ ٻه ٻڙي جي فيصلائتي سرسري حاصل آهي، پهرين ۽ ٻئين ٽي ٽوئنٽي مهمان ٽيم جي نالي رهي. پهرين ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي 71 رنسن وڏي مارجن تان شڪست ڏني جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ميچ ٽاءِ ٿي، جنهن فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو جنهن ويسٽ انڊيز ڪاميابي حاصل ڪئي.