خميس 21 فيبروری 2019ء

سرفراز احمد ئي قومي ٽيم جو ڪپتان آهي ۽ ورلڊ ڪپ تائين رهندو: چيئرمين پي سي بي

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سرفراز احمد کي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسان ماني چيو ته اسان سڀ سرفراز احمد جي حمايت ڪيون ٿا، ورلڊ ڪپ ۾ به ڪپتان سرفراز احمد ئي ڪندو. هن چيو ته مان ته اڳ ئي چيو هو ته ڪپتان سرفراز احمد ئي رهندو هر سيريز بعد ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن، سرفراز احمد ۾ ليڊرشپ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ سرفراز احمد تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ئي ڪندو ۽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو. سندس چوڻ هو ته سليڪٽر، ڪوچ، رانديگر ۽ بورڊ سڀ سرفراز احمد سان گڏ آهن، اڳتي آسٽريليا ۽ انگلينڊ خلاف سيريز آهي. احسان ماني چيو ته سرفراز احمد جو سمورن فارميٽس ۾ سٺو رڪارڊ آهي، هو انڊر 19 جو ڪپتان به رهي چڪو آهي. ان موقعي تي سرفراز احمد چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ ۽ قوم جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.