خميس 21 فيبروری 2019ء

قابض اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان فلسطيني نوجوان شهيد

والاريل بيت المقدس: فلسطين ۾ قابض فوج موٽرسائيڪل سوار نوجوانن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ورهين جو عبدالله فيصل عمر شهيد ۽ 15 ورهين جو نينگر زخمي ٿي پيو. رپورٽن مطابق والاريل بيت المقدس ۾ قابض فوج جي ظلم جو سلسلو جاري آهي، ڄاڻايل واقعو الجالاما ڳوٺ جي هڪ چوڪي وٽ پيش آيو، جتان گذرندڙ موٽرسائيڪل سوار فلسطيني نوجوانن کي اسرائيلي فوج سامهون کان گوليون هنيون. اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 19 ورهين جو عبدالله فيصل عمر ۽ 15 ورهين جو عمر احمد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جتي عبدالله فيصل عمر شهيد ٿي ويو.