آچر 21 اپریل 2019ء

فرانس ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي

پئرس: فرانس ۾ هڪ گهڻ ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ رهائشي اپارٽمنٽ ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا سڙي فوت جڏهن ته 30 زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شرواعت ڪندي فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. زخمين مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فائربريگيڊ عملي جي اڍائي سئو ميمبرن 10 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن کانپوءِ باهه تي قابو حاصل ڪري ورتو آهي ان دوران عملي جا 6 مميبر به زخمي ٿي پيا. ڪنهن امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ ڀرپاسي وارين عمارتن کي خالي ڪرايو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته پهرين ترجيح متاثرن کي امداد جي فرامي آهي جنهن بعد جاچ عمل شروع ڪيو ويندو، شروعاتي طور باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.