خميس 21 فيبروری 2019ء

فلم ۽ ٽي وي جو سينيئر اداڪار خاور بٽ لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: فلم ۽ ٽي وي جو سينيئر اداڪار خاور بٽ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس جنازي جي نماز پراني انار ڪلي ۾ ادا ڪئي ويندي، خاور بٽ جو شمار انڊسٽري جي تعليم يافتا فنڪارن ۾ ٿيندو آهي، هن ايم اي او ڪالج مان گريجوايشين کان پوءِ اداڪاري جي شعبي ۾ قدم رکيو ۽ 40 سالن تائين فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.