آچر 21 اپریل 2019ء

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪم جانگ ان جي ملاقات هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ٿيندي

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سان هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ويٽنام ۾ ملاقات ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ اسٽيٽ آف دي يونين خطاب دوران چيو ته اسان ٻيٽ نما ملڪ اتر ڪوريا ۾ امن لاءِ اسان تاريخي قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ هو 27 ۽ 28 فيبروري تي ويٽنام ۾ ڪم جونگ اُن سان ٻي ملاقات ڪندو. آمريڪي صدر چيو ته اسان جا يرغمال بڻايل ماڻهو واپس اچي رهيا آهن، ايٽمي هٿيارن جا تجربا روڪجي ويا ۽ گذريل 15 ورهين کان اتر ڪوريا ڪو به ميزائل تجربو ناهي ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته صدر نه هجان ها ته هن وقت آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ وڏي جنگ هلي رهي هجي ها، گهڻو ڪم باقي آهي، منهنجا ڪم جونگ اُن سان سٺا لاڳاپا آهن. ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ گذريل سال جي وچ ڌاري سنگاپور ۾ ملاقات ٿي هئي.