خميس 21 فيبروری 2019ء

نواز شريف جي بيمارين جو علاج لال حويلي مان ئي نڪري ايندو: فياض الحسن

لاهور: پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ٽيسٽ ۾ سامهون ايندڙ بيمارين جو علاج ته لال حويلي مان نڪري آيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي علاج لاءِ پنجاب حڪومت باعزت طريقي سان ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو پر نواز شريف ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن هُن کي اسپتال آندو ويو ته ايندي ئي وڏو گوسٽ، ڪباب ۽ سموسا کارايا ويا.