خميس 21 فيبروری 2019ء

پنڌرنهن ڪڪڙيون چوري ڪرڻ وارو جيل ۾ ۽ 1500 ارب چوري ڪرڻ وارو پي اي سي چيئرمين بڻيل آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 15 ڪڪڙيون چوري ڪندڙ جيل ۾ آهي ۽ 1500 ارب چوري ڪندڙ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين آهي، هي اسان جي عدم جو نظام آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان جي سياست جي ڪري نواز شريف ۽ آصف زرداري جو اصل چهرو عوام جي سامهون آيو، عمران خان جي جدوجهد جي ڪري ئي نواز شريف ۽ آصف زرداري جي سياست پراڻو قصو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سياسي طور تي تحريڪ انصاف کي ڪنهن قسم جو چيلينج ناهي، اسان کي اقتدار ۾ اچڻ سان ئي سڀ کان اهم چيلينج معيشت جو هو. هن چيو ته جهڙي ريت ڌاڙيل ڌاڙي بعد پنهنجي عياشين تي پيسو اڏائيندو آهي، پٺين حڪمرانن به ملڪ سان ائين ئي ڪيو، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ڌرڻي جي ڪري عام ماڻهن ۾ غسور ۽ حقن جي فراهمي جي ڳالهه ٿي، ڌرڻي بعد عوام ۾ سياسي شعور پيدا ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ان کان پهرين رڳو ٻن سياسي پارٽين ۾ ماڻهو ڦاٿل هئا، عمران خان غريب عوام جو آواز بڻيو ۽ اسٽيٽس کي شڪست ڏني. هن چيو ته اڄ مڊل ڪلاس تڪليف ۾ آهي پر حڪومت وٽ ريليف جي لاءِ پيسو ناهي، اڄ ميڊيا مان ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل طور تي آمدن 5 کان 6 ٽريلين رپيا آهي جنهن ۾ 632 ارب رپيا ته خسارو آهي. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي سان نظام ناهي ٿيندو، نظام جي تبديلي جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته 15 ڪڪڙيون چوري ڪندڙ جيل ۾ آهي ۽ 1500 ارب چوري ڪندڙ پي اي سي جو چيئرمين آهي، اِهو اسان جي عدم جو نظام آهي. فواد چوڌري چيو ته عمران خان اقتدار ۾ آيو آهي پر نظام اڃان تائين ناهي بدليو، توهان ۽ اسان گڏجي نظام کي تبديل ڪنداسين.