آچر 21 اپریل 2019ء

وفاقي حڪومت آءِ جي ۽ چيف سڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان آءِ جي ڪي پي ڪي ۽ چيف سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان آءِ جي خيبرپختونخواهه صلاح الدين محسود کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. صلاح الدين محسود کي آءِ جي آزاد ڪشمير مقرر ڪيو ويو آهي. سندس جاءِ تي نعيم خان کي ڪي پي ڪي جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي ۾ گريڊ 21 هين جي محمد سليم کي نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، گريڊ 22 هين جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق سياسي حڪومت ليويز ۽ پوليس وچ ۾ متوازي سسٽم آڻڻ چاهي ٿي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي ڪي سسٽم جي مخالفت ڪئي هئي. ذريعن مطابق ليويز فورسز ۾ سياسي ڀرتين جي معاملي تي چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي کي تبديل ڪيو ويو آهي.