خميس 21 فيبروری 2019ء

سنڌ ۾ بند پيل سمورا اسڪول کولي تعليمي ايمرجنسي تي عمل ڪيو وڃي: عوامي جمهوري پارٽي

حيدرآباد(سوڀ نيوز) عوامي جمهوري پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ بند پيل سمورا اسڪول کولي تعليمي ايمرجنسي تي عمل ڪيو وڃي، سنڌ صوبي ۾ تعليم جي شعبي جي بجيٽ پوري پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهڻي آهي پر ان باوجود به سنڌ جي تعليم تباه ۽ برباد لڳي پئي آهي. ڪالهه سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، خادم ٽالپر. عادل چانڊيو. نور بلوچ. قربان پنهور. نظير بانو لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت هڪ طرف تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪري تعليم کي بهتر ڪرڻ جون دعوائون ڪيو ٻئي طرف وري انهي ئي اعلان تي عمل نه ڪندي حڪمرانن سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو مذاق اڏايو آهي.