آچر 21 اپریل 2019ء

ڊاڪٽرن جي مطالبن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو، او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽر ٻيهر بند ڪرڻ جو چتاءُ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سرڪاري ڊاڪٽرن مطالبن جي مڃتا جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر او پي ڊي ۽ ان سان گڏ آپريشن ٿيٽر جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي صحت کاتي ڊاڪٽرن سان ڪيل ڳالهين دوران سندس مطالبن جي مڃتا جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري نه ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ڊاڪٽرن جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي 12 فيبروري تائين مطالبن جي مڃتا بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ 13 فيبروري کان ٻيهر او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽر جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئشن جو گڏيل اجلاس ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان سلسلي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر پير منظور ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن جي مسئلن جي حل لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي، جنهن کي هڪ هفتو گذري ويو آهي، پر اسان سان ڪيل وعدا پورا نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي سنڌ جي ڊاڪٽرن جون پگهارون پنجاب جي ڊاڪٽرن برابر ڪرڻ بابت سمري جي منطوري يا نوٽيفڪيشن بابت اسانکي ڪجهه ٻڌايو ٿو وڃي.