آچر 21 اپریل 2019ء

وڏي وزير ارشاد رانجھاڻي جي قتل جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي، عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارشاد رانجھاڻي جي قتل جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاھھ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو رجسٽرار سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي ھڪ خط لکي جنھن ۾ ارشاد رانجھاڻي جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان ڪنھن کي بھ قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگھون. واضح رھي تھ ارشاد رانجھاڻي کي 6 فيبروري اربع ڏھاڙي ڀينس ڪالوني جي يونين ڪائونسل چيئرمين رحيم شاھھ ڀريل بازار ۾ قتل ڪيو ۽ ان متاثر زخمي شخص کي اسپتال وٺي وڃڻ نھ ڏنو ۽ اھو گذاري ويو. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام کي سينئر پوليس آفيسر کان ان قتل جي جاچ ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي ھئي. ھن چيو تھ سندس حڪومت شھر ۾ سياسي عزم جي ڪري امن امان بحال ڪيو آھي ۽ ان ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ آرمي جون بي پناھھ قربانيون شامل آھن. ھن چيو تھ ھاڻي حڪومت ڪنھن کي بھ رياست اندر رياست قائم ڪرڻ ۽ سندن ھٿن ۾ بندوق کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھي.