خميس 21 فيبروری 2019ء

سينيئر صحافي خالد کوکر تي بدين ۾ اڻڄاتل ماڻهن پاران حملو، پٿر لڳڻ سبب ڪار جو شيشو ٽٽي پيو

بدين: اڻڄاتل حملي آورن پاران سينيئر صحافي خالد کوکر تي حملو تفصيل موجب. بدين ۾ اڻڄاتل حملي آورن پاران سينيئر صحافي، آن لائن انڊس نيوز جي سرواڻ ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر نائب صدر خالد کوکر جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو. جڏهن ته حملي آورن پٿر هڻي گاڏي جي ونڊ اسڪرين ۽ سائيڊ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، حملي ۾ سينيئر صحافي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو نائب صدر خالد کوکر حملي ۾ محفوظ رهيو. سينيئر صحافي خالد کوکر بدين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات کانپوءِ حيدرآباد وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو، جڏهن ته ساڻس گڏ سينيئر صحافي علي حسن، ايڇ يو جي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري منصور مري پڻ گاڏي ۾ موجود هئا.اهڙو اطلاع ملڻ کانپوءِ صحافي ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا موقعي تي پهچي ويا جڏهن ته پوليس هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.