خميس 21 فيبروری 2019ء

وزير اعظم عمران خان سڀاڻي آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ڪندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان سڀاڻي دبئي ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات ڪندو، غير ملڪي خبر ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان آچر تي دبئي ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽائن لگارڊ سان ملقات ڪندو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف جي خيالن جي خبر پوندي ۽ بي آئوٽ پيڪيج جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر اسان چاهيون ٿا ته اهو پاڪستان جو آخري بيل آئوٽ پيڪيج هجي.