خميس 21 مارچ 2019ء

جيڪب آباد ويجهو خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون

جيڪب آباد: ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جيڪب آباد ويجهو وڏي حادثي کان بچي وئي، ايڪسپريس جي ريلوي اسٽيشن جيڪب آباد ۾ داخل ٿيندي ئي 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ريلوي اسٽيشن ويجهو هئڻ ڪري ٽرين جي رفتار گهٽ هئي ۽ خوش قسمتي سان سمورا مسافر محفوظ آهن.