خميس 21 مارچ 2019ء

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سفارتي ادب وساري ڇڏيا، بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر طلب ڪري احتجاج، پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو

نئين دلي: ڀارت سفارتي ادب تباهه ڪندي بنا ڪنهن ثبوت جي پلواما حملي تي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي هاءِ ڪمشنر کي به واپس گهرائي ورتو آهي. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سفارتي ادب وساري ڇڏيا، مودي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ناڪامي تي پڙدو وجهڻ لاءِ ڪنهن ثبوت بنا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملي جو الزام پاڪستان تي زبردستي مڙهڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. ڀارتي پرڏيهي وزير نئين دلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سهيل محمود کي طلب ڪري پلواما حملي تي احتجاج ڪيو ۽ جيش محمد خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪيو. ٻئي طرف ڀارت پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا کي به صورتحال تي ممشاورت لاءِ فوري طور تي واپس گهرائي ورتو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اڄ رات نئين دلي روانو ٿي ويندو.