خميس 21 مارچ 2019ء

رنگا رنگ افتتاحي تقريب سان پي ايس ايل جي ڇوٿين ايڊيشن جو آغاز

دبئي: پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب جي شروعات دبئي ۾ ٿي وئي، پهرئين ميچ دبئي ۾ پوڻي يارهين وڳي شروع ٿيندي. ڇڪن، چوڪن ۽ وڪيٽون ڏسڻ لاءِ بيتاب ڪرڪيٽ شوقينن جو انتظار ختم ٿيو، پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي شروعات دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿي وئي. پي ايس ايل سيزن فور جي افتتاحي تقريب ۾ جنون گروپ جنون جا سُر وکيريا، آئما بيگ دلين جا تار ڇيڙيا جڏهن ته فواد خان ايونٽ جو ٽائيٽل سانگ ڳائي رنگ ڄمايو. ٽورنامينٽ جي پهرئين ميچ لاهور قلندرز ۽ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ٽيمون ۾ ڪيترين ئي تبديلين ڪاميابي جو عزم کڻي ميدان ۾ لهنديون، اسلام آباد يونائيتيڊ ڪيترائي وڏا نالا وڃائي چڪي، هاڻ فهيم اشرف، حسين طلعت، آصف علي ۽ شاداب خان تي دارومدار هوندو.