خميس 21 مارچ 2019ء

ڪشمير نه ڀارت جو حصو آهي ۽ نه ڪڏهن ٿيندو: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڪشمير نه ڀارت جو حصو آهي ۽ نه ڪڏهن ٿيندو. اسلام آباد ۾ منعقد ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب دوران فواد چوڌري چيو ته رياستي رٽ جو مطلب اهو ناهي هوندو ته پنهنجن شهرين تي گوليون هلايو، ماڻهن کي طاقت جي زور تي نه ٿو دٻائي سگهجي. رت وهڻ سان باهه ڀڙڪندي آهي وسامندي ناهي، ايتري وڏي اولي کي ڦوڪن سان وسائي نه ٿو سگهجي، والاريل ڪشمير ۾ ظلم بند ڪرڻا پوندا، ڪشميرين کي طاقت جي زور تي دٻاءُ نه ٿو سگهجي، کين آزاد رياست جي شهرين جهڙا حق ڏيڻا پوندا. فواد چوڌري چيو ته ڪشمير نه ڀارت جو حصو آهي نه ڪڏهن ٿيندو، پاڪستان امن چاهي ٿو، ڀارت جو عوام به جنگ نه ٿو چاهي. وزيراعظم چيو هو ته ڀارت هڪ قدم وڌائي اسان ٻه وڌائينداسين، پاڪستان امن چاهي ٿو، تاڙي هميشه ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، اچو ويهون، اسان پنهنجو موقف رکنداسين ۽ اوهان پنهنجون رکو.