خميس 21 مارچ 2019ء

اڀي نندن جي تصوير چونڊ مهم ۾ استعمال ڪرڻ تي بي جي پي مٿان تنقيد

نئين دهلي: بي جي پي پائليٽ اڀي نندن جي تصوير پنهنجي چونڊ مهم ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن تي سوشل ميڊيا جي صارفين سخت تنقيد ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب دهلي جي علائقي مهرالي روڊ تي بي جي پي جي چونڊ پوسٽر تي پائليٽ اڀي نندن جي تصوير لڳائڻ تي سوشل ميڊيا صارفين تنقيد ڪندي شيئر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي بچاءَ واري وزارت پائليٽ جي تصوير لڳائڻ تي اعتراض ڪندي اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي ته سياسي پارٽين کي پنهنجي چونڊ مهم ۾ اهلڪارن جون تصويرون استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.