خميس 21 مارچ 2019ء

ڀارتي فوج جو ظلم: والاريل ڪشمير جي سمورين اخبارن احتجاج طور پهريون صفحو خالي ڇڏي ڏنو

سرينگر: قابض ڀارتي فوج جو ڪشميري ميڊيا خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن خلاف سمورين اخبارن احتجاج طور پهرين صفحي تي ڪجهه به شايع ناهي ڪيو ۽ صفحو خالي ڇڏي ڏنو آهي. ڪشمير ايڊيٽرز گلڊ ڀارتي انتظاميا پاران اخبارن خلاف ڪريڪ ڊائون جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪشمير جي ننڍين وڏين اخبارن ناروا سلوڪ ۽ اشتهارن جي معاملن ۾ تنگ ڪرڻ تي احتجاجن پهريون صفحو خالي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جو مقصد احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي انتظاميا وادي ۾ ڀارتي ظلم ڏيکارڻ واري ناليواري اخبار گريٽر ڪشمير ۽ ڪشمير ريڊرز کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ان جا اشتهار روڪي ڇڏيا آهن. ڄاڻايل اخبارن سان يڪجهتي واري اظهار طور ڪشمير آبزرور ۽ ڪشمير مانيٽر سميت ٻين اخبارن به پنهنجو پهريون صفحو خالي ڇڏي ڏنو آهي.