خميس 21 مارچ 2019ء

مودي سرڪار ٻه سئو مسلمانن جا گهر ساڙي ڇڏيا، پوليس جي رهواسين تي ڇتي فائرنگ

نئين دهلي: ڀارت ۾ عام چونڊن کان اڳ مودي سرڪار اقليتن خلاف هڪ ٻي ناپاڪ ڪارروائي ڪندي 200 مسلمانن جا گهر ساڙي ڇڏيا، نه رڳو مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو پر فائرنگ به ڪئي. ٻئي پاسي پوليس دعويٰ ڪئي ته علائقي جي ماڻهن انهن تي پٿراءُ ڪيو ۽ پنهنجن گهرن کي پاڻ باهه لڳائي، ان دوران چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ وڳوڙي ڀوسا مندِ کان مهتاب ٿيڙ جي علائقي تائين وڌي ويا، مڇريل ماڻهن ٻن درجن کان وڌيڪ گاڏيون، موٽر سائيڪلون ۽ 8 بسن کي نقصان پهچايو، بعد ۾ پوليس صورتحال تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي.