خميس 21 مارچ 2019ء

گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي وصول

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت جي ترجمان مطابق متحده عرب امارات کان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي وصول ٿي ويا آهن. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق متحده عرب امارات کان هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي ملي ويا آهن، وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ايندڙ مهيني منتقل ٿيندا، جڏهن ته متحده عرب امارات کان هڪ ارب ڊالر وصول ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو ذخيرو 15 ارب 96 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو آهي.