خميس 21 مارچ 2019ء

پنجاب جي بدنام زمانه ڇوٽو گينگ جي 20 ڄڻن کي 18-18 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

ملتان: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڇوٽو گينگ خلاف فيصلو ٻڌائيندي ان جي 20 ڄڻن کي 18-18 ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏنو آهي. نجي ٽي وي مطابق دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد محمود راجن پور جي بدنام زمانه ڇوٽو گينگ خلاف محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت ڇوٽو گينگ جي 20 ڄڻن کي 18-18 ڀيرا موت جي سزا جڏهن ته ٻن ڄڻن کي گهٽ عمر هجڻ تي 19-19 ڀيرا عمر قيد جي سزا جو حڪم ڏنو آهي.