خميس 21 مارچ 2019ء

وزير اعظم عمران خان سان جرمن پرڏيهي وزير جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سان جرمن پرڏيهي وزير هائيڪوماس ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پاڪ_جرمن لاڳاپن ۽ خطي جي سلامتي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ذريعن مطابق پاڪ_ڀارت هاڻوڪي ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان پاران ڪيل امن وارن قدمن تي وزيراعظم عمران خان ۽ جرمن پرڏيهي وزير وچ ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي.