خميس 21 مارچ 2019ء

ڪراچي: سي ويو تي شادي شده جوڙي کي حراسان ڪرڻ وارا 3 پوليس اهلڪار ملازمت تان فارغ

ڪراچي: سمنڊ ڪناري شادي شده جوڙي سان بدتميزي ڪندي کين سرعام تشدد جو نشانو بڻايو آهي. رپورٽن مطابق ڪراچي سي ويو تي موٽرسائيڪل سوار ٻن پوليس اهلڪارن سمنڊ ڪناري سير تي گهمڻ آيل پرڻيل جوڙي سان نه رڳو بدتميزي ڪئي پر عورت جي مڙس کي سرعام تشدد جو نشانو به بڻايو. پوليس اهلڪارن جي جوڙي تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي واقعي تي ايڪشن وٺندي ٻنهي اهلڪارن کي ملازمت سان برطرف ڪندي گرفتار ڪري ورتو آهي.