خميس 21 مارچ 2019ء

ڪرتاپور اجلاس، ڀارت پاڪستاني صحافين کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارت هڪ دفعو ٻيهر هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي ڪرتاپور رهداري منصوبي تي ڳالهين جي ڪوريج لاءِ پاڪستاني صحافين کي ويزا جاري ناهن ڪيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد فيصل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتاپور راهداري تي سڀاڻي ڳالهيون ٿينديون، جنهن لاءِ ڀارت پاڪستاني صحافين کي ويزا جاري ناهن ڪيا، جنهن تي افسوس آهي.