خميس 21 مارچ 2019ء

طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون جو پنجون دور ختم، غير ملڪي فوج جي واپسي تي اتفاق

دوحا: قطر ۾ افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ فريقين وچ ۾ 2 نقطن تي اتفاق ٿيو آهي، فريقين ڊگهيون ڳالهين کان پوءِ افغان مان غير ملڪي فوج جي واپسي ۽ دهشتگردي ٽوڙ تي 2 نقطن تي اتفاق ڪيو ويو آهي.