خميس 21 مارچ 2019ء

برازيل جي اسڪول ۾ فائرنگ ، 5 ٻارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

برازيل: برازيل جي شهر سائوپولو جي اسڪول ۾ فائرنگ سبب 5 شاگردن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا. پوليس اختيارين موجب ٻن نوجوان حملي آورن فائرنگ ڪندي سائوپولو جي رائول برازيل ايليمينٽري اسڪول ۾ داخل ٿيا. حملي آورن جي فائرنگ سبب 5 شاگرد، هڪ اسڪول جو ملازم ۽ هڪ اسڪول ٻاهران بيٺل شخص مارجي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 شاگرد به زخمي ٿيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه حملي آور به مارجي ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ مڪمل جاچ کان اڳ سببن بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.