آچر 21 اپریل 2019ء

پي ايس ايل جي چيمپيئن ٽيم ڪوئيٽا جا رانديگر پنهنجي، پنهنجي وطن روانا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي فاتح ٽيم ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جا سمورا پرڏيهي ڪرڪيٽر پنهنجي وطن روانو ٿي ويا. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو اوپنر ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن، ڏکڻ آفريڪا سان واسطو رکندڙ ريلي روسو ۽ ويسٽ انڊيز سان تعلق رکندڙ ڊوائن براوو پنهنجي پنهنجي ملڪ ويندڙن ۾ شامل آهن. آسٽريلوي اسپنر فواد احمد پنهنجي اباڻي علائقي سوات روانو ٿي ويو جيڪو پاڪستان ۾ وڌيڪ ڪجهه ڏينهن ترسندو . ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي دوري جي دعوت ڏني آهي جيڪا ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر قبول ڪري ورتي آهي. نديم عمر جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي ٽرافي تمام جلد ڪوئيٽا کڻي وينداسين، ڪاميابي تي ڪوئيٽا، بلوچستان سموري پاڪستان کي وڌايون هجن.