آچر 21 اپریل 2019ء

اوپنرن جي ڪارڪردگي خراب هجڻ سبب ورلڊ ڪپ ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو: محسن حسن خان

لاهور: پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو چيئرمين محسن حسن خان چيو آهي ته اوپنرن جي ڪارڪردگي خراب هجڻ سبب ورلڊ ڪپ ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي محسن خان چيو ته ٽيم جي اوپنرن جي بيٽنگ صحيح نه هجڻ سبب پوءِ ايندڙ رانديگرن کي پريشاني ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي مقابلي ۾ ضروري آهي ته پاڪستان خصوصي طور تي مضبوط اوپنرن جي جوڙي چونڊ ڪري. محسن خان چيو ته ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ قومي ٽيم ۾ موجود آل رائونڊر جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته ميچ کٽڻ لاءِ بهتر آل رائونڊر اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ رانديگرن کي جسماني فٽنيس کان وڌيڪ ذهني فٽنيس ضروري آهي. هن چيو ته اوهان جو مقابلو اتي مڃيل ٽيمن سان آهي جنهن جي ڪري اوهان کي دماغي طور تي تيار رهندو پوندو ڇو ته هڪ سٺي ٽيم ۽ رانديگر هميشه دٻاءُ ۾ هوندي سٺو پرفارمنس ڪندا آهن. هن چيو ته پاڪ آسٽريليا سيريز ۾ قومي رانديگر دٻاءُ ۽ ذهني فٽنس سبب سٺي پرفارمنس نه ڏيکاري سگهيا. اسان وٽ پنج کان ست فاسٽ بالر جا آپشن آهن جيڪي ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا جڏهن ته انگلينڊ جي موسم ۾ تبديلي سبب اسپينر بالرن جي به چونڊ ڪرڻي پوندي.