آچر 21 اپریل 2019ء

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪرڪيٽر ناصرجشميد جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا يافته ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ( اي سي ايل ) مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس ساجد محمود سيٺي ناصر جمشيد جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي سفارش تي ناصر جمشيد جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي وڪيل موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ گهرو وزارت جو اختيار آهي، ناصر جمشيد جي ڪا انڪوائري ايف آءِ اي وٽ التوا هيٺ ناهي. دخواستگذار جو چوڻ هو ته اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا کانپوءِ نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ناصر جمشيد جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٻئين ايڊيشن دوران اسپاٽ فڪسنگ ۾ ناصر جمشيد سميت شرجيل خان، محمد عرفان ۽ خالد لطيف جا نالا سامهون آيا هئا جن کي بعد ۾ معطل ڪيو ويو هو. پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل 17 آگسٽ 2018ع تي ناصر جمشيد جي خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مٿس 10 سالن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.