آچر 21 اپریل 2019ء

حڪومت پاران شريف خاندان خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف پنجاب جي صوبائي پارلياماني پارٽي ۽ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين بلدياتي نظام جي مسودي جي منظوري ڏني وئي ۽ نئين نظام جي مسودي کي منظوري لاءِ جلد پنجاب اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت شريف خاندان خلاف نون ڪيسن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، ادارن نوان ڪيسن لاءِ مواد گڏ ڪيو آهي.