آچر 21 اپریل 2019ء

وزير اعظم طرفان 3 مهينن کان پوءِ ساهيوال سانحي تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي خاطري

لاهور: وزير اعظم عمران خان 3 مهينن کان پوءِ ساهيوال سانحي جي متاثرن سان ملاقات ۾ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. وزير اعظم عمران خان ساهيوال سانحي جي متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ مقتول خليل جو پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻار به موجود هئا. ذريعن موجب واقعي جي 3 مهينن کان پوءِ ٿيل ملاقات ۾ وزير اعظم متاثر خاندان جي مطالبي تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزير اعظم متاثر خاندان سان ٿيل ملاقات ۾ امدادي چيڪ به ورهايا. سانحي بعد وزير اعظم واعدو ڪيو هو ته هو قطر جي دوري تان واپسي تي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻائيندو پر وزير اعظم انصاف جي طلبگار وارثن کي چيڪ ڏيڻ لاءِ سي ايم هائوس گهرايو. ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو ڪنهن صورت ازالو نٿو ڪري سگهجي پر حڪومت متاثرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.