آچر 21 اپریل 2019ء

وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج لنڊن ۾ ايڪواڊور جي سفارتخاني مان گرفتار

لنڊن: برطانوي خابرو اداري موجب وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج کي لنڊن ۾ ايڪواڊور جي سفارتخاني مان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري ايڪواڊور جي طرفان جولين اسانج جي سياسي پناهه ختم ڪرڻ تي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ لنڊن پوليس جولين اسانج کي گرفتار ڪري سينٽرل لنڊن جي پوليس اسٽيشن موڪلي ڇڏيو آهي. ايڪواڊور حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولين اسانج جي طرفان عالمي قانونن جي لاڳيتو ڀڃڪڙين کان پوءِ سندس سياسي پناهه واپس ورتي وئي آهي. ٻئي پاسي ايڪواڊور جي صدر لينن مورينو جو چوڻ هو ته عالمي قانونن جي لاڳيتو ڀڃڪڙين کان پوءِ جولين اسانج جي سياسي پناهه ختم ڪئي وئي. پر وڪي ليڪس طرفان ٽوئٽ ڪيو ويو ته ايڪواڊور طرفان عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي غيرقانوني طور تي جولين اسانج جي سياسي پناهه ختم ڪئي وئي. برطانوي گھرو سيڪريٽري ساجد جاويد ٽوئٽ ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته پوليس وڪي ليڪس جي باني کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ هو هن وقت لنڊن پوليس جي حراست ۾ آهي. اسان ايڪواڊور حڪومت جي تعاون جا شڪر گذار آهيون قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي هوندو. ياد رهي ته وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج سوئيڊن ۾ جنسي زيادتي جي ڪيس ۾ گهربل آهي جڏهن ته هو گذريل ستن سالن کان لنڊن ۾ ايڪواڊور جي سفارتخاني ۾ ترسيل هو.