آچر 21 اپریل 2019ء

اتر ڪوريا ۾ ڪم جونگ اُن ٻيهر سپريم ليڊر چونڊجي ويو

پيانگ يانگ: اتر ڪوريا جي پارليامينٽ هڪ دفعو وري ڪم جونگ اُن کي ملڪ جو سپريم ليڊر چونڊي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ملڪ جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي تبديليون ڪيون ويون آهن. عالمي خبر ڏيندڙ اداري موجب اتر ڪوريا ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ اعليٰ قيادت ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن. اتر ڪوريا جي 14هين سپريم اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ ڪم جونگ اُن کي نظرياتي قدم، حڪمت ۽ دانائي وارا فيصلا ڪرڻ ۽ تجريبڪار قيادت جي ڪري هڪ دفعو وري رياست جو سپريم ليڊر چونڊيو ويو آهي. سپريم اسيمبلي جي چونڊن کانپوءِ ڪم جونگ اُن رياستي ڪمن جي ڪميشن جي ”چيئرمين“ طور به برقرار رهندو. جڏهن ته هاڻ هن عهدي جي چيئرمين بجاءِ ”ڪوريائي عوام جي سپريم نمائندي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. سپريم اسيمبلي هڪ اهم تبديلي چوئي ريانگ بئي کي سپريم پبلڪ اسيمبلي جو صدر مقرر ڪندي ڪئي آهي. آئيني طور تي هي عهدو بي اختيار ملڪ جي سربراهه جي برابر هوندو آهي، پر هاڻ به طاقت جو اصل مرڪز ڪم جونگ اُن ئي هوندو. سپريم اسيمبلي ملڪ جو نئون ”پريميئر“ به چونڊيو آهي. هن عهدي تي ڪم جي ريانگ پنهنجي پيشرو پاڪ پونگ جي جڳهه تي ذميواريون نڀائيندو. ڪم جي ريانگ ڪيتري ئي وقت کان حڪمران پاڻي جي اهم عهدن تي رهيو آهي. هي عهدو محدود اختيارن سان گڏ وزيراعظم جي منصب جي برابر هوندو آهي.