آچر 21 اپریل 2019ء

مڙس جي ظلمن کان تنگ ڀارتي عورت پاڪستان پهچي وئي، اسلام قبول ڪري شادي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي ڀارتي عورت ٽينا پاڪستان پهچي وئي. چندي ڳڙهه جي ٽينا اسلام قبول ڪندي گوجرانوالا جي سليمان سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستان کي ٽينا کي ڀارت واپس موڪلڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ۽ چيو آهي ته ٽينا پنهنجي مڙس اميش کان ڪاوڙجي پاڪستان آئي آهي. جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزارت الزام هنيو آهي ته گوجرانوالا جي نوجوان سليمان ٽينا کي زبردستي اسلام قبول ڪرايو آهي ۽ کيس يرغمال بڻائي رکيو آهي. پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب ٽينا کي ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪيو ويندو.