آچر 21 اپریل 2019ء

مني لانڊرنگ ڪيس: متحده باني خلاف پڪا ثبوت هٿ

ڪراچي: قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران مني لانڊرنگ ڪيس ۾ متحده باني جي خلاف پڪا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي دهشتگردي واري انت جي عدالت پاران ايم ڪيو ايم جي فلاحي تنظيم خدمت خلق فائونڊيشن جي نالي تي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سيڪريٽري جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم عدالت ۾ متحده باني ۽ ٻين جي خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جنهن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي. رپورٽ موجب متحده باني ۽ ٻين جي خلاف ڪيس ۾ پڪا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن ۽ پرڏيهي وزارت جي ذريعي ثبوتن جي تصديق لنڊن مان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جي آءِ ٽي متحده باني جي گهر مان مليل هٿيارن جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته هي هٿيار ڪٿي ۽ ڪهڙي جڳهه تي استعمال ڪيا ويا. رپورٽ ۾ وفاقي حڪومت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو ويو آهي ته وڌيڪ اڳڀرائي تائين ٻڌڻي مناسب وقت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.