آچر 21 اپریل 2019ء

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري آهي. شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي نالي تي ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شوپيان ۾ ڀارتي فوج ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي نوجوانن کي سرچ آپريشن جي نالي تي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. مقامي ميڊيا موجب سرچ آپريشن اڃان تائين جاري آهي. نوجوانن جي شهادت جي خلاف مقامي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.