آچر 21 اپریل 2019ء

مودي حڪومت جي اڳواڻ آءِ ايس پي آر جو گيت چوري ڪري ورتو

نئين دهلي: ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي اڳواڻ راجا سنگهه يوم پاڪستان تي آءِ ايس پي آر طرفان رليز ڪيل گيت چوري ڪري ورتو، جنهن سبب هو سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڀارتيا جنتا پارٽي اڳواڻ راجا سنگهه چونڊن ۾ ووٽرن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گيت رليز ڪيو، جيڪو آءِ ايس پي آر جي گيت جي ڪاپي آهي. راجا سنگهه 12 اپريل تي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو هو ته مان 14 اپريل تي هڪ گيت رليز ڪري رهيو آهيان، جيڪو فوج جي نالي ڪيان ٿو پر ان گيت جا ٻول ۽ ڌُن اها ئي آهي، جيڪا آءِ ايس پي آر طرفان يوم پاڪستان تي ساحر علي بگا جي آواز ۾ گيت جي هئي. راجا سنگهه جي ان حرڪت تي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ذاتي اڪائونٽ تان ان چوري جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ لکيو ته گيت ڪاپي ڪرڻ تي خوشي آهي، سچ ڳالهائڻ جي به ڪاپي ڪئي وڃي.