آچر 21 اپریل 2019ء

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) مطالبن جي لسٽ پاڪستان کي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي اداري فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) مطالبن جي لسٽ پاڪستان کي ڏئي ڇڏي آهي. ايف اي ٽي ايف پاران پوري ملڪ جي سمورين سون جي بازارن جا دستاويز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته عمل ڪرائڻ لاءِ لسٽ مذڪوره ادارن کي موڪلي وئي آهي. ايف اي ٽي ايف هدايت ڪئي آهي ته زيور خريد ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪيو وڃي ته جيئن پابندي مڙهيل تنظيمن تائين سون ۽ زيورن جا تحفا نه پهچي سگهن. ايف اي ٽي ايف پنهنجي مطالبن جي لسٽ ۾ چيو آهي ته ضلعي سطح تي رجسٽرڊ ٽرسٽ جو ڊيٽا به گڏ ڪيو وڃي ۽ ضلعي سطح تي ريگوليشن جو نظام فوري طور تي ٺاهيو وڃي ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽن جي تفصيل به گڏ ڪئي وڃي.