آچر 21 اپریل 2019ء

نوجوان پنهنجي نالي جي شروعات ۾ ”مجاهد“ لکن ڇو جو هر مسلمان مجاهد آهي

سرينگر : سرينگر جي ڊپٽي ميئر شيخ محمد عمران چيو آهي ته نوجوان پنهنجي نالي شروعات ۾ ”مجاهد“ لکن ڇو جو هر مسلمان مجاهد آهي ۽ کيس فخر سان ان لقب کي استعمال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي بيان ۾ ڊپٽي ميئر شيخ محمد عمران مجاهد لفظ جي اهميت بيان ڪندي نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي هو جيڪڏهن جهاد جي حمايت ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ پنهنجي نالي جي شروعات ۾ مجاهد لکن. سندس چوڻ هو ته ڪشميري دهشتگرد نه پر مجاهد آهن جن جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي، نوجوانن به پنهنجي نالن سان گڏ فخر سان اهو لقب استعمال ڪن ڇاڪاڻ جو اسلام ۾ مجاهد کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. سرينگر جي ڊپٽي ميئر جو چوڻ هو ته ڀارتي ميڊيا مجاهدن کي دهشتگرد طور پيش ڪندي آهي پر مجاهد حريت پسند آهن جيڪي پنهنجي حقن لاءِ ڀارتي فوج جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آئون جتي به وينديو آهيان پنهنجي نالي سان گڏ مجاهد لکندو آهيان ته جيئن ان جو هاڪاري چهرو دنيا ۽ خاص طور ڀارت کي ڏيکاري سگهان. سندس چوڻ هو ته ڀارت جاڪجهه سياستدان جڏهن پنهنجي نالن سان گڏ ” چوڪيدار“ جو لفظ لکي سگهن ٿا ته پوءِ اسان مسلمانن کي پنهنجن نالن سان گڏ مجاهد لکڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي، مون پنهنجي فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر جو نالو بدلائي ” مجاهد شيخ محمد عمران“ لکي ڇڏيو آهي، نوجوانن کي اپيل آهي ته هو به ائين ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري امن جا خواشمند آهن ۽ هتان جا نوجوان عالمي برادري جي ٺهرائن تحت مسئلي جو پُرامن حل چاهين ٿا تنهنڪري ڪٺ پتلي انتظاميا کي ان تي ئي عمل ڪرڻو پوندو.