آچر 21 اپریل 2019ء

آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، 6 کان 8 ارب ڊالرن جو معاهدو ٿيندو: اسد عمر

اسلام آباد: پاڪستان جي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ سان ٿيندڙ اجلاسن کان پوءِ پاڪستاني وفد ناڻي واري وزير اسد عمر جي اڳواڻي ۾ پاڪستان واپس پهچي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ اڃا لکت شڪل ڏيڻ باقي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان جي تجويز ڪيل اثاثا ڊڪليئرشن سان اختلاف نه ڪيو آهي، پاڪستان تجويز ڪيل اسڪيم جو مسودو آءِ ايم ايف ۽ ايف اي ٽي ايف سان اڳ ئي شيئر ڪيو هو، ايف اي ٽي ايف به اسڪيم تي ڪو به اعتراض نه ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پيڪيج تي صحيحون اپريل ۾ ئي ڪيون وينديون، آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي ملندڙ بيل آئوٽ پيڪيج ٽن سالن لاءِ هوندو پر پاڪستان کي ڇهه ارب ڊالر يا وري نو ارب ڊالر جو پئڪيج ڏيڻ اهو فيصلو ٿيڻ اڃا باقي آهي جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ دوري جي تاريخ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ڪئي ويندي. اثاثا ڊڪليئرشن اسڪيم کي آءِ ايم ايف جي دوري کان اڳ قانوني شڪل ڏني ويندي، اثاثا ڊڪليئريشن اسڪيم جي آخري منظوري سڀاڻي ڪابينا مان ورتي ويندي. ڪابينا جي منظوري تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي اسڪيم لاڳو ڪئي ويندي، آرڊيننس جاري ٿيندي اثاثا ڊڪليئرشن اسڪيم فوري طور لاڳو ٿيندي.