آچر 21 اپریل 2019ء

وزيراعظم جو عزم آهي ته بلوچستان جون محروميون ختم ڪيون وڃن: شهريار آفريدي

ڪوئٽا: گهرو ممڪلتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن ملڪ کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ چاهين ٿا. ڪوئٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته هزار گنجي واقعي تي مون کي افسوس آهي مان وزيراعظم عمران خان طرفان واقعي جي تعزيت لاءِ آيو آهيان، وزيراعظم جو عزم آهي ته بلوچستان جون محروميون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان کي اهڙي نموني نقصان پهچايو وڃي جو ملڪ وکرجي وڃي، پنهنجي عزم ذريعي ملڪ کي ڇيهو رسڻ نه ڏينداسين. شهريار آفريدي چيو ته مختلف بنيادن تي اسان کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان دشمن جي سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪو به اسان جي نيت تي شڪ نه ڪري، اسان ملڪ کي امن جو آسٿان بڻائينداسين، اسان کي ڪنهن جو خوف ناهي ۽ نه وري اسان کي ڪنهن جي اشاري تي هلڻو آهي.