آچر 21 اپریل 2019ء

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قائم مقام صدر لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي قائم مقام صدر بنجڻ جي خلاف داخل درخواست تي چوڏنهن فيبروري تي محفوط ڪيل فيصلو جسٽس عامر فاروق ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي صدر مملڪت جي غير موجودگي ۾ قائم مقام صدر جي لاءِ اهل قرار ڏيندي شهري افضل شنواري جي درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواستگذار جو موقف هو ته آئين موجب پنجيتاليهه سال کان گهٽ عمر جو ماڻهو صدر جي عهدي جو اهل ناهي ۽ صادق سنجراڻي جي عمر پنجيتاليهه سال کان گهٽ آهي. ياد رهي ته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي خلاف ايڪيهه جون ٻه هزار ارڙنهن تي هڪ شهري افضل شنواري درخواست داخل ڪرائي هئي.