آچر 21 اپریل 2019ء

ڊيم فنڊ ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: صوبائي حڪومت جي صلاحڪار بيئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف سدائين الزامن جي سياست ڪئي آهي فيصل واوڊا جو هڪ بيان ٽي وي تي نشر ٿيو آهي جنهن حو چوي ٿو ته ڊيم فنڊ ۾ سڌو سنئون رقم جمع ڪرايو. ڪنهن کي روڪ رقم نه ڏيو، مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان ڪراچي ۾ 76 ڪروڙ رپيا ڊيم فنڊ لاءِ گڏ ڪيا. گورنر جڏهن اها رقم اڳوڻي چيف جسٽس کي ڏني تي انڪشاف ٿيو ته رقم 66 ڪروڙ ٿي وئي. هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڊيم فنڊ جا ڏهه ڪروڙ رپيا ڪاڏي ويا؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته ڊيم فنڊ جي نالي تي هيرا ڦيري ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر تحريڪ انصاف تي مالياتي الزام هنيا آهن، پي ٽي آءِ قيادت اڪبر ايس بابر جي سوالن جا جواب ڪڏهن ڏيندي؟ مرتضيٰ وهان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي رابطا مهم سبب وفاقي حڪومت پريشان آهي. هڪ نئين مهم ارڙهين جي خلاف هلائي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم وارا جڏهن اسان جا اتحادي هئا تڏهن هو ان ترميم جا حمايتي هئا، هاڻ جڏهن ڪنهن ٻئي جا اتحادي ٿيا آهن ته ارڙهين ترميم کي ڌوکو قرار ڏئي رهيا آهن. صوبائي صلاحڪار چيو ته منهنجو مخالف ڌر کان سوال آهي ته ارڙهين ترميم ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ آئين جي آرٽيڪل 149 جي استعمال جو مشورو ڏيندڙ آئين جي آرٽيڪل 147، 136 ۽ 105 به پڙهي وٺن . وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير سان مشورو جو پابند آهي، ايم ڪيو ايم چاليهه سالن کان ڪراچي جو ڪيس وڙهي آهي. جيڪڏهن ته ڪراچي سان سچا آهن ته اين ايف سي جا 120 ارب رپيا ڏيارڻ جي ڳالهه ڪن. ڪراچي جو عوام تنگ ٿي چڪو آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف تعلق نه جهمور سان آهي نه جهموريت سان . جنهن شخص ماضي ۾ جهموريت خلاف سازش ڪئي ان کي پارلياماني معاملن جو وفاقي وزير بڻايو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته مودي بابت بيان تي وزيراعظم يوٽرن وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن هو يوٽرن وٺي ٿو ته تمام سٺي ڳالهه هوندي.