آچر 21 اپریل 2019ء

احسان ماني کي چيئرمين پي سي بي بڻائڻ عمران خان جو غلط فيصلو هو: اڳوڻو ڪپتان عبدالقادر

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عبدالقادر هڪ دفعو ٻيهر پي سي بي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انتظامي طور تي ڪيل فيصلا حيران ڪندڙ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهن. عبدالقادر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماضي ۾ وزير اعظم پي سي بي جي چيئرمين جي چونڊ ڪرڻ وارا ڪرڪيٽ راند کي نه سمجهندا هئا، پر عمران خان جي باري ۾ ائين چئي نه ٿو سگهجي، عمران خان ڪرڪيٽ ۾ عظيم رانديگر رهيو آهي.