آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

نيوزي لينڊ جو دورو ٽيم لاءِ امتحان هوندو، جتي ڀرپور تياري سان وينداسين: سرفراز احمد

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۾ مختلف ڪنڊينشنز هوندي، اميد آهي ته ٽيم ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي، جلد ئي ٽيسٽ ٽيم به ڪاميابين جي ٽريڪ تي اچي ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته نيوزي لينڊ جو دورو ٽيم لاءِ امتحان هوندو، جتي ڀرپور تياري سان وينداسين ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين. قومي ڪپتان جو چوڻ هو ته نيوزي لينڊ روانگي کان اڳ پاڪستان ۾ به ڪيمپ لڳندو ۽ ٽيم اٺ يا ڏهه ڏينهن اڳ ۾ نيوزي لينڊ پهچندي ته جئين رانديگرن کي ڪنڊيشنيز جي حساب سان تياري ۾ مدد ملي سگهي. فواد عالم جي ٽيم شموليت جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سرفراز احمد چيو ته” الله جي گهر ۾ دير انڌير ناهي“ سليڪٽر فواد عالم جي ڪارڪردگي ڏسي رهيا آهن اميد آهي ته فواد عالم جلد ٽيم ۾ واپسي ڪندو.ڪامران اڪمل جي ڪارڪردگي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سرفراز احمد چيو ته ڪامران اڪمل جي ڪارڪردگي سندس لاءِ خطرو ناهي جيڪڏهن ڪامران اڪمل کان خطرو محسوس ڪيان ها ته اڳ ۾ به ڪامران اڪمل ٽيم ۾ نه کڻو ها هي پاڪستان جي ٽيم آهي جيڪو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو ٽيم کيڏندو سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته يونس خان ۽ مصباح الحق کانسواءِ ٽيسٽ ٽيم کي سيٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو پر ٽيسٽ به وننگ ٽريڪ تي اچي ويندي.