سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

شيڊول ڪامن ويلٿ گيمز: پاڪستان ۽ ڀارت 7 اپريل تي آمهون سامهون ٿيندا

ويب ڊيسڪ: لاهور: ايندڙ سال آسٽريليا ۾ شيڊول ڪامن ويلٿ گيمز جي هاڪي ايونٽ جي شيڊول جو اعلان ٿي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ ريتي حريف ڀارت 7 اپريل تي آمهون سامهون ٿيندا. اولمپڪس کان پوءِ راندين جو سڀ کان وڏو ميلو ڪامن ويلٿ گيمز ايندڙ سال آسٽريليا ۾ مچندو. انتظاميا ميگا ايونٽ جي هاڪي ايونٽ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آسٽريليا جي شهر گولڊ ڪوسٽ ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ گيمز جي هاڪي ايونٽ 5 کان 14 اپريل تائين کيڏي ويندي. پاڪستان ۽ ڀارت جون هاڪي ٽيمون پول بي ۾ ويلز، انگلينڊ ۽ ملائيشيا جي ٽيمن سان گڏ شامل آهن.