آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com
تازاترين خبرون

ڀارتين پاڪستاني اداڪاره سان غلط ڪيو: ڊائريڪٽر راهول ڍولڪيا

ويب ڊيسڪ
ويب ڊيسڪ: ممبئي: پاڪستاني اداڪاره ماهر خان جي پهرين بالي ووڊ فلم ”رئيس“ جي ڊائريڪٽر راهول ڍولڪيا کي هڪ سال بعد نيٺ خيال اچي ويو ته ڀارتين پاڪستاني اداڪاره سان غلط ڪيو. ياد رهي ته فلم رئيس کي هلندڙ سال جي شروعات ۾ 25 جنوري تي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کي پاڪستان ۾ پيش نه ڪيو ويو هو. ماهره خان جي فلم رليز ٿيڻ وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار هلي رهيو هو، جنهن سبب جتي ان فلم کي پاڪستان ۾ پيش نه ڪيو ويو هو. اتي ڀارتي عوام طرفان به پاڪستاني اداڪارائن خلاف احتجاجي مظاهرا ڏسڻ ۾ آيا. ڀارتي انتهاپسندن نه صرف پاڪستاني اداڪارن جي فلمن جي شوٽنگ موخر ڪرڻ لاءِ فلم سازن تي دٻاءُ وڌو هو پر پاڪستاني اداڪارائن کي گهٽ وڌ به ڳالهايو هو. ڀارتي انتهاپسندن جن پاڪستاني اداڪارائن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، انهن ۾ ماهره خان سرفهرست هئي. جڏهن ته ٻئي نمبر تي فواد خان هو. جڏهن ته تقريبن هڪ سال بعد فلم رئيس جي هدايڪار راهول ڍولڪيا ماهره خان جي حق ۾ ڳالهائيندي تسليم ڪيو ته هندستانين ماهره خان سان غلط ورتاءُ ڪيو.
وڏيڪ پرهو
اهم خبرون