ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس سڀني هيڊ ماسترن کي مستقل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر عدالتي فيصلي سبب سنڌ ڪابينا يا سنڌ حڪومت ائين نه ٿي ڪري سگهي، اهي سڀئي هيڊ ماستر جيڪي احتجاج تي آهن انهن کي ان ڳالهه جي مڪمل خبر آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد بينچ جا فيصلا ڌار ڌار آهن ۽ اسين انهن ٻنهي معزز عدالتن جي فيصلن جا پابند آهيون، اسان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي لکيو آهي ته انهن ٻنهي بينچز جي فيصلن جي حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ڪري يا ڪا هڪ بينچ جوڙي وڃي ۽ اها جيڪو به فيصلو ڪندي اسين ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تحت لکن جي انگ ۾ ڪتاب صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ کان ڪا شڪايت ملندي آهي ته ان تي ڪارروائي به ٿيندي آهي. هن چيو ته کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ سبب ڪجهه آفيسرن کي اضافي ۽ ڪجهه کي او پي ايس تي مقرر ڪرڻ مجبوري آهي ته جئين کاتي جو ڪم متاثر نه ٿئي، بهرحال اسين پروموشن به ڪري رهيا آهيون ۽ ان تحت پروموٽ ٿيندڙ آفيسرن کي مقرر به ڪيو پيو وڃي.
